ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ لونگاڻي ڀرسان 4 ڏينهن اڳ ڪوئيٽا کان لاڙڪاڻو ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ڪاراڻي واپس ويندي اغوا ٿي ويل واپاري جميل ٻگهيو کي ڊکڻ پوليس ڊرامائي انداز ۾  گهنور شاھ واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڳجھو اطلاع مليو ته ڌاڙيل مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا آهن، پوليس ڪارروائي ڪئي ته مقابلو ٿي پيو،  مقابلي بعد مغوي کي بازياب ڪرايو ويو آهي.  هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته راڄوڻي ڪوششن بعد ڀنگ ڀري جميل ٻگهيو بازياب ٿيو آهي،جڏهن ته مغوي جي والد محمد جمن ٻگھيو چيو ته پوليس ۽ راڄوڻي ڪوششن سان اسان جو  همراهه بازياب ٿيو آهي.