ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ويجهو ڳوٺ خير محمد ٻٽ مان مبينا اغوا ٿيل ٻارهين جماعت جي شاگرد 16 سالن جي حيدر علي ٻٽ کي پوليس 2 هفتا گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي آھي، جڏھن ته عدالتي حڪم تي فتح پور پوليس نينگر جي اغوا جي ايف آءِ آر والد افضل ٻُٽ جي فرياد تي ماڇي برادري جي 4 جوابدارن خلاف داخل ڪري ڇڏي آهي، داخل ڪيل ڪيس ۾ اظهار، برڪت، ارشاد ۽ امام بخش ماڇي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، شاگرد جي والد افضل ٻٽ چيو ته ڳوٺ غلام حسين ٻٽ ۾ پلاٽ جي معاملي تان ماڇي برادري سان تڪرار هلندڙ هو، جنهن ڪري جوابدارن منهنجي پٽ ٻارهين ڪلاس جي شاگرد حيدر علي کي اغوا ڪيو، هن چيو ته پوليس پٽ کي اغوا ڪندڙ جوابدارن کي هن وقت تائين گرفتار ناهي ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته پٽ کي بازياب ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.