ڏوڪري/ موهن جو دڙو (نمائندن وٽان) ڏوڪري جي عدالت ۾ فائرنگ، طلاق ڪيس جي ٻڌڻي تي پهتل ناري قتل ٿي وئي
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بينظير ڪالوني واسڻ 23ورهين جي تهمينا سانگهرو مارجي وئي
مقتولا ناري جي والد محمد صالح سانگهرو جو چوڻ آهي ته ڌيءَ طلاق جي ڪيس ۾ عدالت آئي هئي، کيس ڏير اياز جتوئي ۽ ٻين جوابدارن قتل ڪيو آهي
ٻئي پاسي ڏوڪري جي عدالت ۾ قتل ٿيل ناري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران واقعي جو نوٽيس ورتو، ناري تهمينا سانگهرو جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال آندو ويو
ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي ڏوڪري پوليس کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
هي به پڙهندا
ميهڙ جي عدالت ۾ فائرنگ، حاضري تي آيل 2 ڀائر سئوٽ سميت قتل، 3 جوابدارن گرفتاري ڏئي ڇڏي