ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري جي ڪچي واري علائقي درگاھ محبڻ لڳ ڳوٺ امام بخش جمالي ۾ 5 مھينا اڳ زمين جي پراڻي تڪرار تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل نوجوان طالب جمالي جي خون جو نبيرو امر ٻگهيو، علي ڏنو گاڏهي ۽ نظر محمد خان گاڏهي جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو، فيصلي ۾ حاڪم جمالي ڌر مٿان مقتول طالب جمالي جو خون ثابت ٿيڻ ۽ جهيڙي دوران ٻن عورتن کي زخمي ڪرڻ جو مجموعي طور 29 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته ارباب جمالي جي قبضي هيٺ 200 جريب زمين حاڪم جمالي حوالي ڪرڻ جي فتويٰ ٻڌائي وئي، فيصلي ۾ پيل ڏنڊ جي رقم جا 29 لک رپيا حاڪم جمالي واري ڌر چئن قسطن ۾ ارباب جمالي ڌر کي ادا ڪندي، فيصلي بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.