ڏوهن جي آڪٽوپس جي وڪڙ ۾ آيل سنڌ ۽ انتظامي نااهلي

0
20
انساني اسمگلنگ جا وڌندڙ واقعا ۽ نااهل حڪومتي اختياريون

سنڌ مڪمل طور تي ڏوهن جي آڪٽوپس جي وڪڙ ۾ آهي، سنڌ کي ڏوهن جو ڏيهه بنائڻ ۾ ڪسر نه پئي ڇڏي وڃي. بيڊ گورننس حالتن کي بِنهه خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ اِها پڻ حقيقت آهي ته، جڏهن امن امان جون حالتون خراب هجن ته عوام تائين جمهوريت جو ثمر پهچي نه سگهندو آهي. سنڌ جي امن امان جي صورتحال ڪڏهن به آئيڊيل ته پري جي ڳالهه، پر اطمينان جوڳي به ناهي رهي ۽ هاڻي ته، ڏوهن جو سرطان سنڌ جي سرير ۾ سرايت ڪري ويو آهي، جنهن هن ڌرتيءَ جو جِي جڏو ڪري ڇڏيو آهي پر ان جي باوجود حڪمرانن جو اصرار آهي ته، سندن ان طرز حڪمرانيءَ کي به گُڊ گورننس طور قبوليت ڏني وڃي. هن وقت حالت اها آهي ته، اغوا انڊسٽري عروج تي آهي، ماڻهن کي اغوا ڪري زنجيرن سان ٻڌي خوف پيدا ڪرڻ لاءِ ڏوهارين انهن جون وڊيوز وائرل ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن ڏوهارين تائين پهچڻ ۾ ناڪام آهن. هاڻي ته، نه صرف عام ماڻهو پر صحافين کي به اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومت رڳو احسن ڪارڪردگي جي دعوائن تائين محدود آهي، عملي طور ڪُجهه نه پيو ڪيو وڃي.

سنڌ، جيڪو پاڪستان جو ٻيو وڏو صوبي آهي، تاريخ، ثقافت ۽ معيشت جي لحاظ سان تمام اهميت رکندڙ آهي پر گذريل ڪجهه ڏھاڪن کان امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال ماڻهن لاءِ زندگيءَ کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. ڀنگ خاطر اغوا، غير قانوني هٿيارن جي خريد و فروخت ۽ ڏوهاري ماڻھن جي سرپرستي جهڙا مسئلا حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاري رهيا آهن. ڀنگ خاطر اغوا سنڌ جي مختلف ضلعن، خاص طور تي ڪچي وارن علائقن ۾ هڪ عام ڏوهه بڻجي چڪو آهي. ڪيترائي ڏوهاري مقامي بااثر شخصيتن يا سياستدانن جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪن ٿا، جيڪي انهن کي قانون کان بچڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا.  پر ھڪ اھم سبب سنڌ جي عوام جي شعور کان خالف ۽ خوفزده اھي قوتون آهن، جن ايم آر ڊي واري جدوجھد کان پوءِ سنڌ جي عوام تي اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مڙھي ڇڏي آهي. ٻي اھم ڳالھ ته، سنڌ ۾ غير قانوني هٿيارن جي خريد و فروخت هڪ منافعي وارو ڪاروبار بڻجي چڪو آهي. خطرناڪ هٿيار ڏوهاري گروهن تائين آسانيءَ سان پهچي رهيا آهن. غير قانوني هٿيارن جي خريد و فروخت جا هي نيٽ ورڪ افغانستان ۽ قبائلي علائقن سان ڳنڍيل آهن، جتان هٿيار اسمگل ڪيا وڃن ٿا. غير قانوني هٿيارن جي خريد و فروخت جو هڪ وڏو سبب سرحدي ڪنٽرول جي کوٽ ۽ اسمگلنگ جي رستن جي نگرانيءَ ۾ ناڪامي آهي. ان کان علاوه، مقامي سطح تي به ڪجهه عنصر هن ڪاروبار ۾ ملوث آهن  سنڌ ۾ غربت جي شرح تمام گهڻي آهي، خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾. مناسب روزگار جا موقعا نه هجڻ جي ڪري نوجوان ڏوهن ڏانهن مائل ٿين ٿا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني ڏوهاري عنصرن کي تحفظ ڏئي ٿي. گهڻو ڪري ڏوهاري پئسن يا سياسي دٻاءَ جي ذريعي ڪري وڃن ٿا.  ڪجهه سياستدان پنهنجي مفادن لاءِ ڏوهارين کي تحفظ فراهم ڪن ٿا، جيڪو امن امان جي مسئلن کي وڌيڪ خراب ڪري ٿو.

سنڌ ۾ ڏوھن تي ضابطي لاءِ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مضبوط ۽ ڪرپشن کان پاڪ بڻائڻو پوندو، ته جيئن اهي بي خوف ٿي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري سگهن. نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان ڏوهن جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هٿيارن جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ سرحدي ڪنٽرول کي مضبوط ڪرڻو پوندو. سياستدانن کي قانون کان مٿانهون سمجهڻ واري روَيي کي ختم ڪرڻو پوندو، ۽ جيڪي به ڏوهاري عنصرن جي سرپرستي ڪن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته، پوليس، ڏوهارين ۽ ڀوتارن تي مشتمل ڏوهن جو ٽڪنڊو جيستائين نه ٽُٽندو، تيستائين سنڌ ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي ممڪن بڻجي نه سگهندي، ان ڪري حڪومت کي احسن ڪارڪردگي جي دعوائن جا طوفان برپا ڪرڻ بدران عملي طور تي قدم کڻڻا پوندا.