بدين (رپورٽر)آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پنھنجي ڳوٺ نندو شھر ۾ صحافين سان عيد ملڻ بعد ڳالھائيندي چيو آھي ته سنڌ پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، ڪچي ۾ گھڻي وقت کان ڌاڙيلن خلاف بنا فرق جي آپريشن ھلندڙ آھي ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پوليس وٽ محدود وسيلن ھوندي به پوليس ڏوھن تي ضابطو آندو آھي ۽ ڪرائيم تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ سنڌ پوليس ڪامياب وئي آھي شھيد صحافي جان محمد مھر جي مک قاتلن کي جلدي گرفتار ڪيو ويندو،سکر پوليس کي اھڙيون سخت ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن ته ڪچي اندر ڌاڙيلن جي پناھ ۾ رھندڙ جان محمد مھر جي مک قاتلن کي گرفتار ڪري جلدي کين رپورٽ ڏني وڃي، ھن چيو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪابه سياسي مداخلت برداشت نه ڪنداسين ۽ ڪجھ جوابدار گرفتار پڻ آھن، ھن چيو ته ، هن چيو ته حيدرآباد جي ايس ايس پي لنجار ۽ وڪيلن جي وچ ۾ ٿيندڙ معاملو غلط فھمي جو نتيجو ھو،جيڪو خير سان حل ٿي ويو آھي ۽ نوجوان وڪيلن کي قانون جي پوئيواري ڪرڻ گھرجي ۽ سنڌ پوليس جي آفيسرن سان سھڪار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آھي،