سنڌ ۾ ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ قبيلائي ڀوتارڪي ‘آڪٽوپس’ سڄي سماج کي سوگهو ڪري رکيو آهي. رياستي قانون به انهن وٽ يرغمال بڻيل آهي، جيڪا ڳالهه سنڌ جا انتظامي اڪابر سمجهن به ٿا پر ان جي باوجود به رڳو عوام کي ڀنڀلائڻ لاءِ امن امان جي بحالي جي نالي تي اهڙا قدم کنيا پيا وڃن، جيڪي اجائي مهم جُوئي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهن. اهڙو ئي هڪ فيصلو سنڌ جي 6 ضلعن جي ايس ايس پيز جي بدلين وارو آهي، جنهن سان ڏوهارين ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن جي صحت تي ڪوبه اثر ناهي پوڻو. اهو فيصلو “ڪنڊو لڳو پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو” واري مشق کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. سنڌ ۾ انتظامي طرح جيڪا تباهي آئي آهي، ان جو تدارڪ “رپيئر” سان نه پر “اوورهالنگ” سان ئي ممڪن آهي، ڇو ته ٻهراڙين ۽ ڪچي ۾ پوليس ڀوتارڪي ايجنڊا تي عمل ڪندي اڻ سڌيءَ ريت پنهنجو حصو به وصول ڪري ٿي، جڏهن ته شهرن ۾، خاص طور تي ڪراچي ۾ وري پوليس سڌيءَ ريت ڏوهن ۾ ملوث رهي آهي. ڪراچيءَ جي واپاريءَ جي گهر مان چئن ڪروڙن جي ڌاڙي ۾ ڊي ايس پي (زيرِ تربيت) عمير طارق باجاري جي ملوث هجڻ ۽ ان جي گرفتاري کانپوءِ وري پوليس جي ٻي وڏي واردات سامهون آئي آهي. سهراب ڳوٺ مان پوليس اهلڪارن هڪ واپاريءَ کي کنڀي هڪ ڪروڙ، 18 لک رپيا ڦر ڪيا. واردات ۾ ايس ايڇ او زمان ٽائون جي پوليس موبائل استعمال ٿي. اهلڪارن جو تعلق به ساڳئي ٿاڻي سان هو. ايس ايڇ او رائو رفيق سميت چئن اهلڪارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
سنڌ بدامنيءَ جي ڀونءِ بڻيل آهي ۽ انتظاميا امن امان جي بحاليءَ لاءِ حقيقي قدم ان ڪري به نه پئي کڻي، جو ان جي پيرن ۾ سياسي مصلحتن جا ڏانوَڻ پيل آهن. جيڪي سياسي ۽ جرڳائي ڀوتار ضلعن جا ‘ظلِ سبحاني’ بڻيل آهن/بڻايا ويا آهن، پوليس ڪماني به انهن جي فرمائشن تي مقرر ڪيا وڃن ٿا. وري جڏهن ڏوهه وڌن ٿا، انتظاميا تي دٻاءُ وڌي وڃي ٿو ته اها انتظامي شطرنج جي بساط تي مُهرا اڳتي پوئتي ڪري ٿي ڇڏي. پوليس ڪمانين جي جاءِ بدلائي وڃي ٿي، ‘ضلعا- مَٽ’ ٿئي ٿي ۽ اهي ڀوتارڪي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي وڃن ٿا. عوام خوش ته هاڻي امن ٿي ويندو. اها انتظامي مشق گهڻو ڪري هر ڀيري ٿيندي آهي پر اها جيڪڏهن لاڀائتي هجي ها ته سنڌ جو امن امان ڪڏهوڪو بهتر ٿي وڃي ها. انتظاميا خود پوليس کي ڪرپشن جو گس ڏيکارڻ لاءِ ذميوار آهي، جنهن ڪري کڻي پوليس کاتو ڪارين رڍن جو ڌڻ نه به هجي پر اتي اڪثريت ڪارين رڍن جي ضرور آهي. سنڌ انتظاميا واقعي به امن امان جي بحاليءَ جي حوالي سان سنجيده آهي ته ان کي پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪرڻي پوندي ۽ پوليس انتظاميا کي فري هينڊ ڏيڻو پوندو. باقي ايس ايس پي بدلي ڪرڻ يا آءِ جي پوليس وفاق کان پنهنجي مرضيءَ موجب وٺڻ بي لاڀ قدم آهن. اهي قدم اڳ ۾ به آزمايل آهن. اسان سمجهون ٿا ته جيستائين پوليس کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو ۽ سياسي مداخلت ٿيندي رهندي، تيستائين سنڌ جي امن امان جي صورتحال ۾ بهتري وارا امڪان پيدا ٿي نه سگهندا. اسان کي اهو چوڻ ڏيو ته ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ “اشرافيه” جي رسائي ۽ پهچ اختيار ۽ اقتدار جي اعليٰ ايوانن تائين آهي، جنهنڪري ڏوهارين خلاف ڪارروائي مصلحتن ۽ مجبورين جو شڪار ٿيندي رهي آهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته، ارباب رحيم جي حڪومت ۾ صلاحڪار سردار غلام سرور سرڪي ان وقت جي ۽ اڳوڻن لڳ ڀڳ 70 اسيمبلي ميمبرن، سردارن، با اثر حڪومتي شخصيتن جي هڪ لسٽ جوڙي هئي ۽ ڄاڻايو هو ته اهي ڏوهن جي سرپرستي ڪن ٿا. ان بعد ارباب حڪومت تي ايترو دٻاءُ پيو هو جو ان لسٽ کان ئي لاتعلقي ظاهر ڪئي وئي. جيئن نموني جي مُٺ مان خرار جي پرک ڪئي ويندي آهي، تيئن ان وقت جي ان لسٽ مان اهو سمجهڻ مشڪل نه هو ته ڏوهن جي سرپرستي ڪٿان ٿئي ٿي ۽ انهن ۾ گهٽتائي ڇو نٿي اچي؟ هاڻي کڻي صورتحال اهڙي نه به هجي پر ڏوهن ۾ گهٽتائي نه اچڻ سان سوال ته ضرور اٿن ٿا.
سنڌ جي اڌ درجن کان وڌيڪ ضلعن جو ڪچو، ايئن محسوس ٿيندو آهي ته سنڌ سرڪار جي انتظام ۽ اختيار کان ئي ٻاهر هجي. سنڌ جو امن امان صرف ان ئي صورت ۾ بهتر ٿي سگهي ٿو، جڏهن ڏوهارين کي سياسي حمايت حاصل نه هجي ۽ قانون جي عملداري لاڳو ڪئي وڃي. ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ “اشرافيه” ۽ ان جي “مجرم سپاهه” (ڌاڙيلن) کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي ۽ انهن جي سياسي حمايت واري لائف لائين ڪاٽي وڃي.