اسلام آباد(م ڊ) ٻڌڻي دوران دلچسپ منظر به ڏسڻ وٽان مليا، صحافين نواز شريف کي گهيري ۾ وٺي سوالن جي بوڇاڙ ڪري ڏني، پر ن ليگ سربراهه عدالتي ڪمري ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو. ٻاهر نڪرڻ تي هڪ صحافي جي ور چڙهي ويو جنهن کانئس سوال ڪيو ته توهان اليڪشن جي تاريخ جو مطالبو ڪندا؟  جنهن تي نواز شريف چيو ته پهرين هتان ته جان ڇڏائي وٺان، هڪ ٻئي صحافي سوال ڪيو ته قوم جي ڏوهاري جو احتساب ٿيندو يا نه؟ جنهن تي ن ليگ سربراهه ڪو به جواب نه ڏنو صرف مسڪرائيندو رهيو. هڪ وڌيڪ صحافي سوال پڇيو ته توهان سويلين بالادستي تي يقين رکو ٿا جنهن تي نواز شريف جو چوڻ هو ته 1947 ۾ به سويلين بالادستي ٿي ته اسان آزاد ٿيا سين