ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا چيو آهي ته ڏوهارين ۽ سندن سرپرستن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ فول پروف قدم ضروري آهن، اسٽريٽ ڪرائيم دوران شهرين جي قتل جهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ضلعي، يونٽ ۽ رينج  ۾ مضبوط ۽ مستحڪم رابطن کي وڌائڻو پوندو. هن اهڙو اظهار ڪالهه سي پي او ۾ امن امان جي صورتحال بابت وڊيو لنڪ تي گھرايل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پوليس ترجمان موجب پهريون ڀيرو اجلاس پوليس اسٽيشن رڪارڊ مينيجمينٽ سسٽم (پي ايس آر ايم ايس) جي ڊيش بورڊ ذريعي ٿيو، جنهن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم سميت ٻين ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ بابت فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين ريجنن جي ڊي آءِ جيز امن امان جي صورتحال، ڀنگ لاءِ اغوا، ڦرن، اشتهاري جوابدارن جي گرفتارين ۽ ٻين سنگين ڏوهن خلاف ٿيندڙ ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني.