دبئي (شوبز نيوز) دبئي ۾ اونلي فينز ماڊل جيڪا ڏهن ڏينهن کان لاپتا هئي سخت زخمي حالت ۾ هٿ آئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، يوڪرين سان واسطو رکندڙ ماريا کي 9 مارچ تي متحده عرب امارات جي هڪ هوٽل ۾ خانگي پارٽي لاءِ گهرايو ويو جنهن کانپوءِ هوءَ گم ٿي وئي. هوءَ 11 مارچ تي دبئي کان ٿائلينڊ وڃڻ لاءِ طئي ٿيل اڏام نه پڪڙي سگهي، جنهن کانپوءِ سندس وارث پريشان ٿي ويا. رپورٽ موجب، 19 مارچ تي ماڊل دبئي جي هڪ روڊ ويجهو زخمي حالت ۾ ملي، جتي کيس اڻڄاتل ماڻهو ڦٽو ڪري ويا هئا. رپورٽن موجب، سندس ڪرنگهي جي هڏي ۽ هٿ پير ڪيترن ئي هنڌن تان ڀڄي پيا هئا، ماڊل کي ترت اسپتال نيو ويو، جتي هن جي سرجري ڪئي وئي. دبئي پوليس ماڊل جي زخمي حالت ۾ ملڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته لاپتا ڄاڻايل يوڪرين جي شهري هن وقت اسپتال ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ آهي، جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي.