ڏهرڪي: 5 مهينن دوران ڌاڙيلن هٿان ڊي ايس پي سميت 11 اهلڪار شهيد

0
211

ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) 5 مهينن دوران ڌاڙيلن هٿان ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز سميت 11 اهلڪار شهيد ٿي چڪا، پنج مهينن دوران ڌاڙيلن هٿان ڊي ايس پي ۽ 2ايس ايڇ اوز سميت 11اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن

پنج مهينا اڳ ڌاڙيل سلطو شر ۽  سندس ساٿين جي مارجڻ بعد ڌاڙيلن  پوليس تي حملا وڌائي ڇڏيا، سلطو شر جي پلاند ۾ ڌاڙيلن ڊي ايس پي  عبدالمالڪ ڀٽو،2 ايس ايڇ اوز عبدلمالڪ  ڪمانگر  ۽ دين محمد لغاري کي شهيد ٿيا

ڌاڙيلن جي حملن ۾ 2اهلڪار سليم چاچڙ  ۽ جتوئي پتافي به شهيد ٿي ويا، اوٻاوڙو ۾ رزاق ملڪ، ميرپور ماٿيلو ۾  مشتاق گڏاڻي ۽ کنڀڙا ٿاڻي جو اي ايس  آءِ امان الله ابڙو به شهيد ٿي چڪا

گذريل رات پنجون ميل چوڪي تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2اهلڪار علي  گوهر دايو ۽ ڪشور  ڪمار شهيد ٿي ويا

2ڏينهن اڳ پوليس راحب شر جي ٿاڪن  تي چڙهائي ڪئي، اي  پي سي چين کي نقصان پهچڻ بعد واپس موٽي آئي، گهوٽڪي، رائونتي، ميرپورماٿيلي جي ڪچي ۾ آپريشن دوران صرف پوليس جو ئي نقصان ٿيو آهي

هي به پڙهندا

ڏهرڪي ويجهو پوليس چوڪي تي حملو، 2 پوليس اهلڪار شهيد، هڪ زخمي