ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ۾ شهريار شر مٿان حملي ۽ علي محمد شر جي قتل ڪيس ۾ ننڍو ڀٽو ۽ امين ڀٽو کي جوابدار نامزد ڪرڻ ۽ مائٽن خلاف پوليس چڙهايون ڪري گهر ڊاهڻ خلاف ڀٽا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي رزاق ڀٽو، حفيظ ڀٽو ۽ ٻين چيو ته اسان نه واقعي ۾ ملوٽ آھيون ۽ نه ئي اسان کي ڄاڻ آهي، اسان جي ماڻهن کي ناحق ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي، پوليس اسان  جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.