ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ۾ سيپڪو اختيارين ليبر ڊپارٽمينٽ ڏانهن پوڻا ٻه ڪروڙ روپيا بقاياجات ڄاڻائي ليبر  ڪالوني جي 400 گهرن جي بجلي هڪ مهييني کان بند ڪري ڇڏي، بجلي بندش خلاف ڪالوني واسين ٻه ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو، ان موقعي تي بدر پنهيار، منظور شاهه، چنگل مهر ، نور دشتي، مقصود احمد ۽ ٻين چيو ته ليبر ڊپارٽمينٽ سنڌ ويلفيئر بورڊ طرفان 2008 ۾ پنهنجو لڳايل مين ميٽر بند ڪرائي سيپڪو کان ڪاٽا ڪرائي ڇڏيو جنهن بعد سڀني مزدورن پنهنجي گهرن ۾ نوان ميٽر لڳرايا هئا جيڪي هر مهيني بل ڀريندا آھن، هنن چيو ته ليبر ڪالوني واسين ڏانهن ڪا به بقاياجات ناهي، اسان سان ناحق ڪيو ويو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪالوني جي بجلي بحلا ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.