ڏهرڪي/داد لغاري(نمائندن وٽان) ڏهرڪي ويجهو ڀارتي جنگي ڊرون حملي ۾ شهيد ٿيل ڳوٺاڻي مختيار لغاري جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد سندس مڙهه سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن اکين ڏٺن شاهدن موجب ڊرون علائقي ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان اڏام ڪري رهيو هو، بعد ۾ هيٺ اچي ڪريو، جنهن ۾ ڳوٺاڻو مختيار لغاري شهيد ٿي ويو، علائقي جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻا واهه جي کاٽي ڪري رهيا هئا ته ڊرون هڪ وڻ ۾ اچي ڪريو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڳوٺاڻا واهه مان ٻاهر نڪتا ته ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ مختيار لغاري شهيد ٿي ويو ۽ سندس والد زخمي ٿي پيو.