ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي ڀرسان پوليس چڙهائي، سرچ آپريشن، ڏوهارين سان رابطي جي الزام ۾ 3 عورتون گرفتار، هڪ عورت هٿ نه آئي، خبر موجب ڀرچونڊي شريف ۾ پوليس شيخ برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪري 3 عورتن کي کنڀي وئي، پوليس عورتن جا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ عورت مسمات شمي شيخ کي هٿ ڪرڻ لاءِ گهر گهر تلاشي ورتي وئي، پوليس جو چوڻ آھي ته شمي شيخ ڪچي جي بدنام ڌاڙيلن سان مسلسل رابطي ۾ آھي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ چڙهائي ڪئي، آخري اطلاعن تائين شمي شيخ پوليس کي هٿ اچي نه سگهي هئي، هوڏانهن درگاهه ڀرچونڊي شريف جي ميان عبدلمالڪ عرف ميان مجن چيو ته اسان ڏوهارين جي خلاف آھيون، پوليس جيڪو ڪم ڪري ٿي اسان مدد ڪريون پيا، پوليس گهرن ۾ سرچ ڪري ٿي اسان پوليس جي ان ۾ مدد ڪرايون ٿا، ڏوهارين خلاف آپريشن جي حمايت ڪريون ٿا، جيڪو به ڏوهارين سان مليل هجي ان کي هرگز معاف نه ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين پوليس جو ڪڙو برقرار هو، جڏهن ته عورت اهلڪارن کي به طلب ڪيو ويو هو.