ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن کاتي غيرقانوني ترقيون وٺڻ، اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري پورھيتن کي لاڪپ ڪرڻ ۽ رشوت وٺڻ خلاف ايس ايڇ او ڏھرڪي ظھير ڀٽو ۽ ٻين اھلڪارن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي، جاچ ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿيڻ تي جاچ آفيسر طرفان ايس ايس پي گھوٽڪي کي ٻيھر نوٽيس ڪيو ويو، ان ڏس ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي جاچ آفيسر ايس ايس پي گھوٽڪي کي خط لکي ايس ايڇ او ڏھرڪي ظھير حسين ڀٽو، وڏي منشي رياض سيلرو، پوليس اھلڪار حيدر شاھ، پوليس اھلڪار مظفر شاھ سميت سمورن اھلڪارن کي 22 نومبر تي ريڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آھي، خط ۾ چيو آھي ته ڄاڻايل پوليس اھلڪارن کي ڏنل وقت ۽ ٽائيم تي پيش ڪيو وڃي ته جئين انڪوائري کي مڪمل ڪري الزام هيٺ آيل پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري سگھجي، اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آھي تھ شڪايتون مليون آھن تھ ايس ايڇ او ڏھرڪي ظھير ڀٽو ، وڏي منشي رياض سيلرو، مظفر شاھ، حيدر شاھ 3 آگسٽ تي شام جو پگھارون نه ملڻ خلاف پرامن احتجاج ڪندڙ پورھيتن کي ٿاڻي تي گھرائي لاڪپ ڪيو، جن کي رشوت وٺي آزاد ڪيو ويو