ڏهرڪي(ن پ ا) ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ گل محمد ملڪ ۾ ڀرچونڊي پير ميان نظر زميني تڪرار تان نوجوان زمان ملڪ کي پنهنجي زمين ۾ کٽ سان ٻڌي ويهڪ واري جاء تي تشدد ڪيو ,اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد نوجوان وارث نوجوان زمان ملڪ کي زخمي حالت ۾ کٽ تي کڻي ڏهرڪي ٿاڻي تي پهتا ۽ گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو. ان بعد ڏهرڪي پوليس ميان نظر ۽ ان جي پٽ ميان اظهر سميت پنج ڄڻن خلاف زخمي نوجوان جي چاچي علي نواز ملڪ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو. علي نواز ملڪ ٻڌايو ته ڀرچونڊي پير ميان نظر هڪ بااثر آھي جنهن اسان جي نوجوان مٿان ظلم ڪيو آھي هن چيو ته زمين به اسان جي ته ميان قبضو ڪري ويٺل آھي الٽو نوجوان به اسان جي تي تشدد ڪيو آھي. هن چيو ته ميان نظر کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ميان نظر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ڪافي سالن کان ان زمين تي تڪرار هلندڙ آھي مان اها زمين خريد ڪئي آھي مون کي کاتو نه ٿا ڏين، تشدد واري سوال تي ميان نظر ڪال ڪٽي فون بند ڪري ڇڏيو.