ڏهرڪي: مبينه جرڳي ۾ پورهيت مٿان ٻه معصوم نينگريون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو فيصلو!

0
274
پورهيت مٿان ٻه معصوم نينگريون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو فيصلو
ڏهرڪي: مبينه جرڳي ۾ پورهيت مٿان ٻه معصوم نينگريون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو فيصلو!

ڏهرڪي: پورهيت مٿان ڪارنهن جي بهتان جو مبينه جرڳو، ٻه معصوم نينگريون سڱ چٽي ۽ ٻه لک ڀري ڏيڻ جو مبينه فرمان جاري. پورهيت خان محمد ڀٽو نينگرين سميت ڏهرڪي پريس ڪلب پهتو، جتي هن چيو ته هڪ مهينو اڳ منهنجي مٿان الهورايو ڀٽو پنهنجي ڌيء سڪينا سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هنيو. هن الزام هڻندي چيو ته هاڻي وڏيرن باغ علي ڀٽو، نظير ڀٽو، الهورايو ڀٽو جرڳو ڪري مون کي چيو ته معصوم ڌيئرن شهناز ۽ غنوا کي سڱ چٽي ۾ ڏي ۽ ٻه لک ڏنڊ جي رقم ڀري ڏي، انڪار تي منهنجي مٿان ڏهرڪي ٿاڻي تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي.