ڏهرڪي (ن پ ا ) مهينو اڳ ڳوٺ نرلي جا رهواسي ذوهيب شر ۽ ثناءُ الله شر اغوا ٿي ويا هئا، هڪ هفتو اڳ وارثن کي فون ڪال آئي جنهن بعد پوليس نمبر ٽريس ڪري يارو لنڊ واري علائقي ۾ زاهد لنڊ ۽ واجب لنڊ کي ٽريس ڪيو جنهن بعد شر برادري جي  ماڻهن ۽ پوليس ٻه ڏينهن لنڊ برادري جي گهرن جو گهيرو ڪيو جنهن بعد ٻنهي نوجوانن کي گذريل ڏينهن بازياب ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڏهرڪي قلب عباس شاه مغوي نوجوانن کي ڏهرڪي ٿاڻي تي آڻي اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر جي موجودگي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جديد ٽيڪنالوجي وسيلي يارو لنڊ واسي علائقي ۾ هڪ گينگ کي ٽريس ڪيو جنهن گينگ جو سربراه زاهد لنڊ آھي، اڄ ٻيهر زاهد لنڊ جي گهر تي چڙهائي ڪئي جٿي ڏوهارين مزاحمت به ڪئي ۽ هنن پريشر ۾ اچي مغوين کي بازياب ڪري ڇڏيو آھي ،پوليس جو چوڻ آھي ته وڌيڪ ڪاروائي به ڪئي ويندي .