ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي لڳ گهرو اڻبڻت تان پيءُ پٽ ۾ جهيڙو، پيءُ پٽ کي گولي هڻي زخمي ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب درگاهه ڀرچونڊي شريف ۾ گهرو اڻبڻت تان پيءُ پٽ ۾ گهر اندر جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ميان انيس الرحمان پنهنجي پٽ ميان عبدالرحمان کي ڄنگهه ۾ پسٽل جي گولي هڻي  زخمي ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، زخمي کي ڏهرڪي اسپتال آندو ويو، جتان کيس وڌيڪ علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال نيو ويو، آپگهات ڪندڙ ڀرچونڊي پير ميان انيس الرحمان جي ڀاءُ ميان شفيع الرحمان ٻڌايو ته ڀاءُ انيس الرحمان جو معمولي ڳالهه تان پٽ سان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد هي واقعو پيش آيو، هوڏانهن پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪريون پيا، جڏهن ته واقعي جي حقيقت سامهون اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.