ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي ) ڏهرڪيءلڳ پسند جي پرڻي تان مبينا جرڳي جو انڪشاف، نوجوان مٿان 22 لک ڏنڊ ، ڀيڻ جو سڱ چٽي ۽ ڳوٺ نيڪالي جو فيصلو، ان ڏس ۾ ڳوٺ غلام رسول واسي جوڙو جان محمد مزاري ۽ شهزادي مزاري پنهنجي اخبار جي آفيس پهچي انڪشاف ڪندي ٻڌايو آھي ته 6 مهينا اڳ اسان پسند جو پرڻو ڪيو، جنهن بعد 2 مهينا اڳ ناري جي مامن زبردستي جرڳو ڪري 22 لک ڏنڊ ۽ پريمي جان محمد مزاري جي ڀيڻ ثمينه جو سڱ چٽي ۾ ڏنو ۽ جرڳو ڪندڙن اسان کي ڳوٺ نيڪالي ڏيئي ڇڏي، هنن چيو ته جرڳائين اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ته ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجو، اسان ان خوف کان خاموش رهيا سين، جان محمد چيو ته4 ڏينهن اڳ وري بااثرن شهر ۾ قاتلاڻو حملو ڪيو اهڙو ڪيس ڏهرڪي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو پر پوليس بااثرن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي،هوڏانهن ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته اسان کي جرڳي بابت ڪا ڄاڻ ناهي باقي جان محمد جي فرياد تي جهيڙي ۽ ڌميڪن جو ڪيس داخل ڪيو آھي.