ڏهرڪي (ن پ ا)  ڏهرڪي لڳ مهمان ٿي آيل اڻڄاتل پيرسن شخص نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي ويو، خبر موجب ڳوٺ رنگ پور ۾ احسان ڪوش جي اوطاق تي مهمان ٿي ترسيل پيرسن شخص کي نانگ ڪکي وڌو، جنهن بعد گهر ڌڻي پيرسن کي نانگ کان بچاءَ واري ويڪسين لڳرائڻ لاءِ نجي ڀاڻ فيڪٽري جي اسپتال پهچايو، جتي ويڪسين ٿيڻ بعد پيرسن فوت ٿي ويو، اسپتال انتظاميا معاملي کي لڪائڻ لاءِ سڄي رات پيرسن جو لاش رکي ڇڏيو، معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ڏهرڪي آندو، آخري اطلاعن تائين لاش وصول ڪرڻ لاءِ ڪو به وارث نه پهتو هو، پوليس جو چوڻ آھي ته پيرسن جي کيسي مان سڃاڻپ ڪارڊ مليو آھي جنهن تي مالهي ولد لونگ ويٺل سوڀو ديرو لکيل آھي، ميزبان احسان ڪوش کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ميزبان احسان ڪوش ٻڌايو ته رات جو اسان وٽ پيرسن مهمان ٿي آيو، اسان کي چيائين ته مان سيد آهيان، اسان جي اوطاق تي نانگ نڪتو ته سيد چيو ته توهان ان کي نه ماريو، هي فقير مون سان گڏ آھي، هن نانگ کي هٿ سان پڪڙي ڳڄي ۾ ويڙهيو ته نانگ کيس چڪي وڌو.