ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) اوٻاوڙو ويجهو 4 مهينا اڳ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿي ويل ٽن پوليس اهلڪارن جي وارثن کي معاوضو نه مليو، شهيد اهلڪارن جا ٻارڙا ۽ وارث رلي ويا، ڪنهن به سار نه لڌي، ويلفئر بورڊ طرفان شهيد قرار ڏيڻ بعد به هڪ روپيو نه مليو، خبر موجب 4 مهينا اڳ ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو کان رائونتي ٿاڻي ڊيوٽي تي ويندڙ ٽن پوليس اهلڪارن ڏهرڪي واسي شفيق گل ۽ اوٻاوڙو واسي حنان ملڪ ۽ سميع سمون مٿان ڌاڙيلن حملو ڪري کين شهيد ڪري ڇڏيو هو، ان وقت سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس پاران شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪارن جي وارثن کي هڪ هڪ ڪروڙ ۽ ٻيا معاوضا ڏيڻ جا اعلان ڪيا هئا پر 4 مهينا گذري وڃڻ باوجود شهيد اهلڪارن جي وارثن کي هڪ روپيو به نه ملي سگهيو آھي، پوليس ويلفيئر بورڊ طرفان اهلڪارن کي شهيد ڊڪليئر به ڪيو ويو پر اڃا سوڌو شهيدن جي وارثن کي هڪ روپيو نه مليو آھي، ڏهرڪي واسي شفيق گل جون چار نياڻيون اسڪول جي فيس ڀرڻ لاءِ پريشان آھن ۽ حنان ملڪ جي امڙ جوان پٽ کي ساري ساري جهور ٿي وئي آھي پر پوليس کاتي شهيد اهلڪارن جي وارثن جي ڪا سار ناهي لڌي، وارثن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اعلانيل رقم ۽ ٻيون مراعتون ڏنيون وڃن.