ڏهرڪي(ن پ ا) ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ نامزد شهريار شر جو پٽ جهانگير شر ٽن مهينن بعد عدالت پهچي ويو، عبوري ضمانت منظور، ٻڌڻي 19 جون تي ٿيندي، خبر موجب ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر جو پٽ جهانگير شر ٽن مهينن بعد ايڊيشنل سيشن جج پرديپ ڪمار جي عدالت ۾ ضمانت لاءِ پهتو، جتي عدالت سندس عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 19 جون تي رکي وئي.