ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي ۾ ايس ايڇ او خلاف پٽيشن داخل ڪرائڻ تان ڌاڙيلن جون ڳوٺاڻي کي مبينا ڌمڪيون، آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي
مبينا آڊيوز ۾ ڌاڙيل راحب شر ۽ راڻو شر ايس ايڇ او جبار پٺاڻ کي پنهنجو ماڻهو قرار ڏيندي ڳوٺاڻي کي ڌمڪيون ڏين ٿا
ڌاڙيلن جو چوڻ هو ته جبار پٺاڻ خلاف پٽيشن واپس نه ورتي ته تنهنجي خاندان کي قتل ڪري ڇڏيداسين
ڌاڙيل راڻو شر ۽ راحب شر جون ڌمڪين وارين آڊيوز سوشل مييا تي وائرل، ڳوٺاڻي پاران تحفظ جي گهُر ڪئي وئي آهي
ڳوٺاڻي نواز چاچڙ موجب بچاءَ بند چوڪي انچارج ايس ايڇ او جبار پٺاڻ خلاف پٽيشن داخل ڪرائڻ تي ڌاڙيل ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن
ڳوٺاڻن موجب ايس ايڇ او جبار پٺاڻ منهنجي ڀاءُ کي بيگناهه گرفتار ڪيو هو، جنهن خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، ڌاڙيل چون ٿا ته ايس ايڇ او ذاتي دوست آهي، ان کي تنگ نه ڪريو