ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ٻه ڏينهن اڳ ڀرچونڊي ۾ ڀرچونڊي پير ميان انيس الرحمان پنهنجي پٽ ميان عبدالرحمان کي ڄنگهه ۾ گولي هڻي پاڻ آپگهات ڪرڻ واري واقعي بابت انڪشاف ٿيو آھي ته ڀرچونڊي پير ميان انيس الرحمان کي پنهنجي پٽ ميان عبدالرحمان گهريلو اڻبڻت تان گولي هڻي قتل ڪري پاڻ کي ڄنگهه ۾ گولي هڻڻ جو ڊرامو رچايو هيو، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ۽ فوتي ميان انيس الرحمان جي وڏي ڀاءُ ميان شفيع الرحمان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته گهريلو اڻبڻت تان ڀائٽي ميان عبدلرحمان منهنجي ڀاءُ ميان انيس الرحمان کي قتل ڪري ڇڏيو آھي، هوڏانهن ڏهرڪي پوليس ميان شفيع الرحمان جي فرياد تي ميان عبدالرحمان خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جوابدار ميان عبدالرحمان زخمي هجڻ سبب رحيم يار خان اسپتال داخل ٿيل آھي.