اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ بئنچ تي پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، بئرسٽر علي ظفر جي پي ٽي آءِ باني سان مشاورت جي اجازت لاءِ ڏنل درخواست منظور ڪئي وئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ علي ظفر جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جا انتظام ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ وڪيل ۽ چيف جسٽس ۾ ڏند چڪ به ٿيا. پي ٽي آءِ جي وڪيل بئرسٽر علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته هن ڪيس ۾ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ ضروري هو، چيف جسٽس چيو ته اسان ڪالهه چيو هو ته جيڪو به اچي دليل ڏيڻ چاهي ڏئي سگهي ٿو، بئرسٽر علي ظفر چيو ته اهو طريقيڪار نه آهي، هيءَ بئنچ قانوني نه آهي، هيءَ بئنچ ترميمي آرڊيننس جي مطابق به درست نه آهي، جيڪا 4 رڪني بئنچ 30 سيپٽمبر تي ويٺي اها بئنچ ڪنهن جوڙي ئي نه هئي، چيف جسٽس چيو ته علي ظفر صاحب توهان ججن جي چونڊ پاڻ نه ٿا ڪري سگهو، اهڙو طرز عمل تباهه ڪندڙ آهي، ڇا ماضيءَ ۾ هتي سينيارٽي تي بئنچز ٺهنديون رهيون آهن؟ بئرسٽر علي ظفر چيو ته جسٽس منصور توهان جو حوالو به ڏنو جڏهن توهان سينيئر جج هئا، توهان به هڪ عرصي تائين چيمبر ورڪ تي ويا هئا، چيف جسٽس چيو ته منهنجي عملن ۾ شفافيت هئي، منهنجي ساٿي جج جيڪو لکيو اهو آئين قانون جي دائري ۾ نه هو، سڀاڻي مان ميٽنگ ۾ ويهڻ ڇڏي ڏيان ته ڇا سپريم ڪورٽ بند ٿي ويندي، علي ظفر چيو ته جسٽس منيب 30 سيپٽمبر تي بئنچ جو حصو نه بڻيو، جسٽس منيب اختر جي غير موجودگي ۾ بئنچ کي نه ويهڻ گهرجي ها، چيف جسٽس بئنچ تي بئرسٽر علي ظفر جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس چيو ته اسان سڀني جو گڏيل فيصلو آهي ته بئنچ تي اعتراض کي رد ڪيون ٿا، توهان چيو ته فيصلو ٻڌايو ته اسان فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ پاڻ چاهي ته آرٽيڪل 63 اَي ۽ آرٽيڪل 136 کي ختم ڪري ڇڏي، هن عدالتي فيصلي جي موجودگي ۾ اپوزيشن به بي اعتمادي رِٿ نه آڻي سگهندي، هتي ماڻهن کي مرضيءَ جي بئنچ جي عادت آهي، پر اُهو زمانو ويو، هاڻي نه ملڪ ۽ نه ئي ادارن ۾ آمريت هوندي، چيف جسٽس چيو ته فرض ڪريو هڪ وزيراعظم پنهنجي آفيس کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري، اُن وزيراعظم کي پنهنجا ئي ميمبر هٽائڻ گهرن ته هن فيصلي سان اُهو رستو بند ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل علي ظفر چيو ته فيصلو لکندڙ جج کي بئنچ ۾ ضرور هجڻ گهرجي، چيف جسٽس چيو ته جسٽس منصور علي شاهه کي 2 ڀيرا چيو هو، هاڻي اسان وٽ اهڙا به اختيار نه آهن جو ڪنهن کي پڪڙي بئنچ ۾ ويهاريون، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ڪو بئنچ ۾ نٿو اچڻ چاهي ته ڇا اسان جرڳو ڪري وڃون، بئريسٽر علي ظفر چيو ته عدالت کي هن ڪيس ۾ ڪهڙي تڪڙ آهي؟ چيف جسٽس چيو ته اڍائي سالن کانپوءِ ڪيس لڳي رهيو آهي ۽ توهان اُن کي تڪڙ چئو ٿا.. جڏهن ته ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل وچ ۾ ڏند چڪ ٿيا، چيف جسٽس وڪيل کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي دوران مصطفيٰ ڪاظمي پاڻمرادو روسٽرم تي اچي ويو، چيف جسٽس پڇيو ته توهان ڪنهن جي طرفان آهيو؟ هن جواب ۾ چيو ته مان پي ٽي آءِ جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان، چيف جسٽس هدايت ڪئي ته توهان ويهي رهو، توهان ويهو نه ٿا ته پوليس وارن کي ٿا گهرايون، مصطفيٰ ڪاظمي چيو ته توهان ڪري به اهو ئي ٿا سگهو، اسان جا ٻاهر 5 سئو وڪيل بيٺا آهن، ڏسون ٿا ڪيئن توهان اسان جي خلاف فيصلو ٿا ڏيو، هي 5 رڪني لارجر بئنچ غير آئيني آهي، ٻن ججز جي شموليت غير آئيني آهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان جي اِن رويي سان جيڪا ٿوري گهڻي همدردي هئي اُها به ختم ٿي وئي. چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر کي مخاطب ٿيندي چيو ته علي ظفر صاحب هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ توهان اسان جي بي عزتي ڪيو اهو برداشت نه ڪنداسين، هي وڪيل اسان کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، اسان پاڪستان ٺاهڻ وارن مان آهيون، پاڪستان ٽوڙڻ وارن مان ناهيون، بئرسٽر علي ظفر چيو ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ چيف جسٽس چيو ته هي به پي ٽي آءِ جو وڪيل آهي ۽ توهان به سينيٽر آهيو، سيد مصطفيٰ ڪاظمي ٻيهر روسٽرم تي اچي چيو ته توهان پنج ئي غير قانوني آهيو، اسان ڏسون ٿا هي فيصلو ڪيئن ٿو ٿئي، اسان 3 سئو وڪيل ٻاهر بيٺا آهيون، چيف جسٽس عدالت ۾ سول ڪپڙن ۾ موجود پوليس اهلڪارن کي هدايت ڏيندي چيو ته هن جنٽل مين کي عدالت مان ٻاهر ڪڍو، سيد مصطفيٰ ڪاظمي کي عدالت مان ٻاهر ڪڍيو ويو، چيف جسٽس بئرسٽر علي ظفر کي چيو ته هي سڀ اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن، بئرسٽر علي ظفر چيو ته جيڪو ڪجهه عدالت ۾ ٿيو ان جو ذميوار مان نه آهيان، چيف جسٽس چيو ته توهان ذميوار آهيو، ڪيس هلائڻ نه ٿا چاهيو ته نه هلايو، بئرسٽر علي ظفر چيو ته مان هن معاملي تي توهان سان گڏ آهيان، مون کي پنهنجو دشمن نه بڻايو. علي ظفر مصطفيٰ ڪاظمي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان ادارن کي ائين هلائڻ چاهيو ٿا؟ روز چيو ويندو آهي ججن جا ٻه گروپ آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته هڪ اڳوڻي چيف جسٽس ڪيترن پارليامينٽ جي ميمبرن کي جيل موڪليو؟ ثاقب نثار اوهان جا ڪيترا پارليامينٽ جا ميمبر جيل موڪليا هئا؟ منهنجو گناهه آهي ته مان برداشت ڪندو آهيان؟ منهنجي والد چيو هو جيڪو چوندو آهي اهو ئي هوندو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عام چونڊون اوهان جي پارٽي جي درخواست تي ٿيون. ان وقت گاريون ڇو نه ڏنيون؟ فاروق ايڇ نائيڪ روسٽرم تي اچي چيو ته آرٽيڪل 63 اي فيصلو ناهي. صدارتي ريفرنس تي راءِ هئي. ان راءِ تي فيصلي وانگر عمل درآمد لازمي ناهي. فلور ڪراسنگ تي دنيا ۾ نااهلي ته آهي پر ووٽ ڳڻڻ لازمي ٿي وڃي ٿو. جنهن تي چيف جسٽس پاران فاروق ايڇ نائڪ کي دليل لکت جي صورت ۾ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. جنهن بعد وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو اڄ جي عدالتي ڪاروائي ڏسي يقين پڪو ٿي ويو. آئيني عدالت هجڻ گهرجي. جنهن تي چيف جسٽس فاروق ايڇ نائيڪ کي منع ڪندي چيو ته نه نه. اِها ڳالهه هِتي نه ڪريو. جسٽس جمال مندوخيل چيو اوهان وائس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل آهيو. اوهان وڪيل جو ڪنڊڪٽ ڏٺو؟ جنهن تي فاروق ايچ نائيڪ چيو اسان اُن کي نوٽيس ڪنداسين. ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ 63 اي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي دوران تفصيلي فيصلي متعلق رجسٽرار جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. ڪيس جو تفصيلي فيصلو 14 آڪٽوبر 2022 تي جاري ٿيو هو. شهزاد شوڪت عدالت کي ٻڌايو ته تفصيلي فيصلي جي انتظار ۾ نظرثاني داخل ڪرڻ ۾ دير  ٿي.