پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم اين اي مراد سعيد جو هڪ وڊيو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته کيس پڪيون رپورٽون مليون آهن ته کيس ڏسندي ئي گولي جو حڪم آهي، متان هي منهنجو آخري ويڊيو پيغام هجي، پنهنجي وڊيو پيغام ۾  مراد سعيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي مارڻ کان پوءِ چيو ويندو ته اسين گرفتار ڪرڻ ويا هئاسين، مزاحمت ٿي، مارڻ کانپوءِ چيو ويندو ته مزاحمت ۾ خبر نه پئي ته گولي ڪٿان کان هلي. مراد سعيد وڌيڪ چيو ته هو خواب کسڻ چاهين ٿا جن کان کين ڊپ لڳندو آهي. عوامي رد عمل نه اچي ها ته هنن عمران خان کي رستي تان هٽائڻ جو منصوبو ڪري ورتو هو. هي عمران خان کي آزاد نه ڪن ته عوام نڪري، توهان وٽ گاڏي ناهي ته پنڌ نڪرو، موٽر سائيڪلن تي نڪري پئو. آمين ۽ جمهوريت ناهي، ملڪ ڊيفالٽ ڪرڻ جي ويجھو آهي. پارٽي قيادت گرفتار آيه تپهان کي پيغام ڏيڻ وارو پوءِ ڪير به نه هوندو. هن چيو ته اسين پنهنجون زندگيون هن ملڪ تي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، عمران خان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ آمريڪا کي ايبسوليوٽلي ناٽ چيو هو، عمران خان جو ڏوهه اهو هو ته پاڪستانين لاءِ ڪوششون ڪيون، منهنجو ڏوهه اهو آهي هت مون پاڪستان ۾ امن جي ڳالهه ڪئي.