سنڌ ڌرتي تي ڪيترن ئي اهڙن بهادر ماڻهن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي وطن جي بقا ۽ تحفظ خاطر ڪُڏندي پنهنجا ڪنڌ ڪپايا آهن. ٻئي پاسي وري ڌرتيءَ جي دشمنن ۽ وطن فروش غدارن جا ڪنڌ لاهڻ کان به ڪڏهن ڪيٻايو ڪونهي. راجا ڏاهر، دودي سومري، شهيد شاھ عنايت، دولھ دريا خان، هوشو ۽ هيمون کان وٺي ڊاڪٽر شهيد ڪمال راهمون ۽ شهيد فهيم فاروق عباسيءَ کان وٺي شهيد الطاف جسڪاڻيءَ تائين هزارين نه بلڪ لکين لال آهن، جيڪي مُرڪندي پنهنجي وطن تان وارجي ويا. اهو سلسلو تسلسل سان اڃان به جاري آهي. سنڌ پنهنجي هزارين ورهين جي سموري تاريخ ۾ ڪيترن ئي ڌارين، ڦورن، غاصبن ۽ حملي آورن جي ڏاڍ، جبر ۽ بربريتن سان مُنهن ڏنو آهي. ان سموري عرصي دوران سنڌ ڪڏهن غلام ته ڪڏهن آزاد ۽ وري غلام ٿيندي رهي آهي. پر جڏهن به سنڌ ڌارين جي غلاميءَ جي سنگھرن ۾ ڦاٿي آهي ته خاموشيءَ سان ويٺي ڪانهي. پنهنجي حال آهر سنڌ غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ضرور آهي. سنڌ جي ڪنڌارن ڌارين سان ننڍيون توڙي وڏيون جنگيون جوٽي، سندن سک ۽ چين ڦٽايو ضرور آهي.
قيامِ پاڪستان کان اڳ سنڌين سان جيڪي به واعدا ۽ وچن ڪيا ويا، انهن سمورن واعدن مان ڪنهن هڪڙي به واعدي تي حاڪمن هن وقت تائين عمل ناهي ڪيو. سنڌين جي ان سموري جدوجهد، نيڪ نيتي، مهمانوازي، رواداري، ايثار ۽ قربانيءَ جي عيوض جيل، ٿاڻا، عذاب گھر، بند وارڊ، ٽارچر، ڦٽڪا، ڦاهيون، اذيتون، عقوبتون، رُسوايون، ذلتون، احساس محروميون، مايوسيون ۽ خودڪشيون مليون آهن. پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ مادرِ وطن سنڌ جا حقيقي وارث اڄ به پنهنجن ٻچڙن جي پيٽ جي باھ مارڻ خاطر ڪيترين ئي ذهني ۽ روحاني اذيتن مان گذرين ٿا. عام ماڻهوءَ جي احساسن، جذبن ۽ ارمانن جو هر روز ڪيئن قتل ٿيندو رهي ٿو، اها هتان جي عياش ۽ مڪار حاڪمن کي ڪهڙي خبر! قيام پاڪستان کانپوءِ سنڌين جي اهنجن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. اقتدار اعليٰ تي سول/ملٽري بيوروڪريسيءَ سان هتان جو جاگيردار طبقو معمولي حصيداريءَ تي ڳٺ جوڙ ڪندي سنڌ لاءِ هڪ وڏو عذاب بڻجي چڪو آهي. سنڌ جي جاگيردار حڪمران طبقي جي ابن الوقتي، موقعي پرستي، لالچ، ڪرپشن، عياشين، بدڪارين، نالائقين ۽ بڇڙاين جي ڪري سنڌ جا ماڻهو بک، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ بدامنيءَ جي باھ ۾ سڙي ۽ پچي رهيا آهن. هڪ پاسي سڄي سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻائي، پوليس ۽ ٻين ادارن کي قانون جا سمورا ليڪا لتاڙيندي ماڻهو کنڀي گُم ڪرڻ جو لائيسنس ڏنو ويو آهي. بنا ڪنهن جواز يا قانوني گھُرجون پوريون ڪرڻ جي قانون کان مٿانهان قدم کڻندي قومي ڪارڪنن سميت عام ماڻهن کي بغير ڪنهن ڏوھ گناھ جي کنڀي گُم يا قتل ڪيو پيو وڃي. عدالتن کان مٿانهين اهڙين خوني ڪاررواين کي هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جا نالا ڏنا ويا آهن. اهڙين خوني وارداتن کي روڪڻ نه ته هتان جي نام نهاد حڪمرانن جي وس ۾ آهي ۽ نه ئي عدالتن جو ڪو حڪم هلي سگھي ٿو. ٻئي پاسي وري سڄي سنڌ کي قبائليت جي جھالت ۽ بدامنيءَ جي باھ ۾ ساڙيو پيو وڃي. قبائلي جھيڙن ۾ هزارين ڪونڌر ڪُسجي چُڪا آهن. تازو پروفيسر شهيد اجمل ساوند ۽ نالي واري صحافي شهيد جان محمد مهر جا نالا سرفهرست آهن.
هن وقت اُتر سنڌ جو ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۽ گھوٽڪي ضلعو ڌاڙيلن جي خاص ٽارگيٽ تي آهي. جتي پوليس سميت ٻيا ظاهري توڙي طاقتور ادارا ڌاڙيلن جي ڌاڪ اڳيان بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن. ڌاڙيل جيڪي ظاهري طور تي شهري آباديءَ کان ڪٽيل، ڪچي جي جھنگ ۽ ٻيلن ۾ رهن پيا، انهن وٽ کاڌ خوراڪ ۽ جديد قسم جو اسلحو ڪيئن ٿو پهچي ۽ ڪير پيو پهچائي؟ هن جديد ترين انفارميشن ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ هاڻي ان سوال جو جواب ڪنهن کان به ڳجھو ڪونهي رهيو! علائقي جو هر ننڍو وڏو ماڻهو ڀليءَ ڀِت ڄاڻي چڪو آهي ته اهو سڀ ڪجھ رياست جي آشيرواد سان علائقي جا جاگيردار، سردار، گادي نشين ۽ ڀوتار ڪري رهيا آهن. هي پاڪستان جو اهو مراعت يافته جاگيردار طبقو آهي، جن جي وڏڙن، فرنگي راڄ جي خلاف جدوجهدون ۽ مزاحمتون ڪندڙ حُريت پسند اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون مُخبريون ڪيون، انهن کي گرفتار ڪرائي ٽارچر ڪرايو، ڦٽڪا هڻايا ۽ ڦاهيون ڏياريون. انگريزن جي خوشنودي حاصل ڪري جاگيرون حاصل ڪيون. حڪمرانيءَ جي اعليٰ مسندن تي ويٺل حاڪمن توڙي پاڪستاني پارليامينٽ ۾ ويهندڙ سمورن معتبر، معزز ۽ مانوارن ميمبرن جو پيرو کڻجي ٿو ته انھن منجھان اڪثريت ۾ اهي ماڻهو آهن، جن جي بزرگن انگريزن کي خوش رکڻ لاءِ هر اهو ڪڌو ڪم ڪيو، جيڪو ڪوبه باضمير ۽ غيرتمند ماڻهو سوچي به نٿو سگھي. ڇاڪاڻ ته تاريخ جي هر دور ۾، ميرن، پيرن، گادي نشينن، خانن، چوڌرين، جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي سڀ کان وڏي ڪمزوري اقتدار ئي رهيو آهي. ان اقتدار جي چُوسي ڦٽو ڪيل هڏيءَ کي ٻيهر چُوسڻ جي شوق ۾ هنن پنهنجي مادرِ وطن جو سودو ڪرڻ کان به ڪڏهن ناهي ڪيٻايو.
ڪشمور- ڪنڌڪوٽ مان اغوا ڪيل مُغوين جي بازيابيءَ لاءِ جاري ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ به، پنهنجن بزرگن جي روايت کي برقرار رکندي ان ساڳئي جاگيردار ۽ گادي نشين طبقي ئي ڪئي، جنهن طبقي هر دور ۾ اهو ڪم وڏي ايمانداري، ذميواري ۽ دل جي حضور سان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جي مُغوين جي بازيابيءَ لاءِ سمورين سڄاڻ ڌُرين پنهنجي حال سارو وسان ڪونه گھٽايو. پر، ان سموري جدوجهد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي قيادت، ڪارڪنن ۽ پارٽيءَ جي سينيئر وائيس چيئرمين جو عمل، جدوجهد ۽ ڪردار وسارڻ جوڳو ڪونهي. هڪ پاسي ڌرڻي ۾ موجود سنڌ جي سنجيده قومپرست پارٽين ۽ اڳواڻن جي ساٿ، ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن ۾ وڌيڪ ويساھ، طاقت ۽ حوصلو پيدا ڪيو ته ٻي پاسي وري هڪڙي ڌُر طرفان پنهنجي مخصوص “ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ” واري نعريبازي ڌرڻي اندر وهم، وسوسا، انتشار ۽ ڪاوڙ واري فضا پڻ قائم ڪئي. اهڙي قسم جي هلڪڙائي، غيرسنجيدگي ۽ غيرذميوارانا حرڪت پڻ ڌرڻو ختم ڪرائڻ وارو ماحول پيدا ڪيو. اهڙي قسم جي ٻاراڻي حرڪت جي انتظار ۾ ويٺل رياست ۽ ان جي ڀوتارن کي ڌرڻي مٿان حملو ڪرڻ جو زبردست جواز فراهم ڪري ڏنو ۽ پوءِ مقامي ڀوتارن جا پاليل غُنڊا لٺيون، لوهي سريا ۽ چاقو کڻي، هٿياربند باڊي گارڊ ۽ پوليس گڏجي پرامن ڌرڻيءَ جي مٿان حملو ڪري ڏنو. ان حملي جو ڌرڻي ۾ شريڪ هٿين خالي قومي ڪارڪنن ڪيڏي وڏي حوصلي ۽ بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، ان جو چٽو ثبوت ايس ٽي پي جي مقامي اڳواڻ جيوڻ سبزوئي جي رت ڳاڙيندي مرڪندڙ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪي آهي. هي آهن سنڌ جا حقيقي جوڌا ۽ حلالي فرزند، جيڪي پنهنجي وطن جي بقا، تحفظ، وسيلن جي مالڪي ۽ پنهنجن ماڻهن جي بنيادي حقن لاءِ هر ڏاڍ ۽ جبر سان مقابلو ڪن ٿا.