سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ جي عدالت ڏاچي جي ڄنگهه وڍڻ واري ڪيس ۾ 6 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ سانگهڙ جي عدالت ڏاچي جي ڄنگهه وڍڻ واري ڪيس ۾ نامزد ۽ گرفتار جوابدارن دريا خان، جعفر جٽ، عابد شر، عبدالشڪور شر، گل بيگ لاشاري ۽ رستم شر جي ٻن – ٻن لکن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏھن ته ڪيس جي ٻڌڻي 12 جولاءِ تي سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ جي عدالت ۾ ٿيندي.