ڏاهلي (ن پ ا) ڏاهلي ويجهو ڪار ۽ مسافر جيپ ۾ ٽڪر، 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي، خبر موجب ڳوٺ سجاڪري وٽ ڪار ۽ مسافر جيپ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمرڪوٽ کان کيمي جو پار ويندڙ چئن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ انوپو، هاشم، عمر، بارٿو، ستٻائي، رحيمان، سنڌ ٻائي، جيسي ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي عمرڪوٽ سول اسپتال آندو ويو جتي سندن علاج هلندڙ آهي.