ڪراچي ( اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي ويزا ملي وئي، هو ڪولمبو پهچي ويو آهي.
ايشيا ڪپ ۾ حارث رئوف ۽ نسيم شاهه جي انجري کانپوءِ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زمان خان کي سريلنڪا طلب ڪيو ويو آهي.
زمان خان ڪولمبو ۾ پاڪستان ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي کي سريلنڪن ويزا جو انتظار هو جيڪا کيس ملي وئي آهي،هو گذريل رات ڪولمبو لاءِ روانو ٿيو.
روانگي کان اڳ شاهنواز ڏاهاڻي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڀرپور پريڪٽس ڪئي. ڪولمبو لاءِ اُڏام ڀرڻ کان اڳ شاهنواز ڏاهاڻي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ٽوئيٽ ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ايندڙ اسٽاپ دبئي ۽ ان کانپوءِ ڪولمبو.ان سان گڏ هن ايشيا ڪپ 2023 جو هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيو. شاهنواز ڏاهاڻي جي ٽوئيٽ ڪرڻ جي دير هئي ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن کي کيس ٽرول ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.