ننگرپارڪر(ن پ ا) ڏانو ڌانڌل ۾ امتحاني سينٽر تي انوجيليٽر استاد کي ٿڦڙ هڻڻ وارو مامرو، ڳوٺاڻي خلاف ڪيس داخل، مليل ڄاڻ موجب ڏانو ڌانڌل هائير سيڪنڊري اسڪول جي انوجيليٽر استاد ونود ڪمار کي امتحان دوران ڳوٺاڻي منظور جوڻيجو پاران ٿڦڙ هڻڻ مهانگي پئجي وئي، سيشن جج ٿرپارڪر جي نوٽيس بعد جوابدار منظور جوڻيجو خلاف ڏانو ڌانڌل ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته گذريل هڪ هفتو اڳ جوابدار منظور جوڻيجو پاران امتحاني سينٽر جي ڀڃڪڙي ڪندي استاد ونود ڪمار ميگهواڙ کي چماٽ وهائي ڪڍي هئي، زبردستي معافي تلافي بعد استاد کيس معاف ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته زبردستي معافي وٺڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ ۽ ميڊيا ۾ خبرون نشر ۽ شايع ٿيڻ کان بعد ۾ سيشن جج ٿرپارڪر پاران نوٽيس وٺندي جاچ ٽيم جوڙي وئي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سرڪاري فريادي ايس آءِ پي لال ملوڪ کوسو جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.