ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو ۾ سومرا برادري جي شادي تقريب دوران سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف نعريبازي ڪئي وئي، سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، درياءَ خاطر جهيڙو آ، سنڌو تي ڪئنال نامنظور جا زوردار نعرا هنيا ويا، جاويد سومرو جي شادي تقريب جي رکيل محفل دوران سماجي اڳواڻ جي ايم سومرو پاران تڪراري ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي، جنهن کان پوءِ تقريب ۾ شريڪ سمورا ڃاڃي تڪراري ڪئنالن خلاف زوردار نعرا هڻندا رهيا، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي .