ڍورو پراڻ جي بحالي جو اعلان:13 ٽن ڪڻڪ موجود آهي، هيل خريداري نه ڪبي: مرادشاهه

0
20
ڍورو پراڻ جي بحالي جو اعلان:13 ٽن ڪڻڪ موجود آهي، هيل خريداري نه ڪبي: مرادشاهه
ڍورو پراڻ جي بحالي جو اعلان:13 ٽن ڪڻڪ موجود آهي، هيل خريداري نه ڪبي: مرادشاهه

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)سنڌ حڪومت جي ھڪ سال جي ڪارڪردگي پيش: ھر شعبي ۾ رڪارڊ ڪم ڪرڻ جي دعويٰ: ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل  تقريب  وڏي وزير سيد مراد شاهه مارچ 2024 کان مارچ 2025ع تائين پنهنجي حڪومت جي ڪاميابين تي ٻڌل171 صفحن جي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ زراعت، صحت، انفراسٽرڪچر، ڊجيٽلائيزيشن ۽ فلاحي منصوبن سميت وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن. هن چيو ته 2 لک سولر يونٽ ورهايا ويا، 168000 هارين ۽ آبادگارن کي هاري ڪارڊ ڏنا ويا، 196 نوان رستا ٺاهيا ويا،  اين آءِ سي وي ڊي ۾ 14  لک مريضن جو علاج ڪيو ويو، وڏي وزير چيو ته هن وقت 13 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو آهي، انهي ڪري ڪڻڪ جي خريداري نه ڪئي ويندي، هن چيو ته صحت واري شعبي ۾ اين آءِ سي وي ڊي جناح اسپتال، ايس آءِ يو ٽي ۽ گمبٽ انسٽيٽوٽ پاڻ مڃرايو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻارن جي فوتگي جي شرح 50 سيڪڙو گهٽجي 2.9 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اسان ممتا پروگرام ذريعي 2 ارب 60 ڪروڙ رپيا ورهايا، جنهن سان ڳورهارين ۽ کير پياريندڙ عورتن کي فائدو ٿيو. هن چيو ته ڊجيٽل خواندگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام هيٺ ٽن يونيورسٽين ۾ 13428 شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني. انهن مان 1171 شاگردن پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي آهي ۽ 2528 نوڪريون حاصل ڪيون آهن. آبپاشي کاتي بابت هن ٻڌايو ته پاڻي جي انتظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ آبپاشي کاتي هڪ هائڊرو انفارميٽڪس سينٽر قائم ڪيو آهي. پاڻي زيان روڪڻ لاءِ 251 ڪلوميٽر واٽر ڪورس پڪا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 21 لک ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ هڪ اهم قدم آهي. 2 لک گهراڻ ۾ مفت سولر ورهايا آهن، هن چيو ته  ايڪسائيز کاتي گاڏين جو آن لائين ٽيڪس سسٽم متعارف ڪرايو آهي، جيڪو موٽر گاڏين جي ٽيڪس جي ادائيگي، بايوميٽرڪ تصديق، ۽ گاڏين جي ڊجيٽل رجسٽريشن/منتقلي کي قابل بڻائي ٿو. هن چيو ته زرعي شعبي کي جديد بڻائڻ لاءِ 219 ٽيوب ويل ۽ 434 زرعي سامان ورهايو ويو. شمسي توانائي سان هلندڙ 100ٽيوب ويل ۽ هڪ ڪولڊ اسٽوريج نصب ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڏوهارين کي ٽريڪ ڪرڻ لاءِ 42 ٽول پلازن تي چهري جي سڃاڻپ ڪندڙ ڪيميرائن سان گڏ ايس 4 سسٽم متعارف ڪرايو آهي. پوليس ريڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. هاڻ اينٽي ڪرپشن کي ڊجيٽلائيز ڪبو هن ٻڌايو ته حڪومت 53ارب مان 196 نوان روڊ مڪمل ڪيا، ٻوڏ کان تباهه ٿيل 120 روڊن جي مرمت ڪئي وئي هن چيو ته سنڌ حڪومت اسڪولن، اسپتالن ۽ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي هلائڻ شروع ڪيو آهي. سکر ۽ گڊو بئراجن جي بحالي بابت هن چيو ته سکر بئراج جا گيٽ نمبر 44 ۽ 47 جون 2024) دوران خراب ٿيا هئا، اسان بئراج جا سمورا گيٽ 3 سالن ۾ تبديل ڪنداسين  گڊو بئراج جي بحالي لاءِ 20 دروازا تيار ڪيا ويا آهن. جن مان 9 دروازا ڪاميابي سان لڳايا ويا آهن  وڏي وزير ڍورو پراڻ جي بحالي جو اعلان ڪندي چيو ته اهو  11000 ڪيوبڪ فوٽ في سيڪنڊ جي رفتار سان ٻوڏ جو پاڻي کڻندو وڏي وزير چيو ته مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ڏاهلي، ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري ۾ لڳل 104 سولر ٽيوب ويلن مان 140 وڏن ڳوٺن جا 200000 ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.