ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ۾ دڪانن تي کنڊ اڻلڀ ٿي وئي اٽو به مهانگو شهر ۾ ھزارين ڪٽا کنڊ ۽ ڪڻڪ سميت کاڌي پيتي جي شئين جا اسٽاڪ ٿيل امڪاني ڇاپن جو ٻڌي منافعي خور واپارين پاران اسٽاڪ ٿيل کنڊ ڪڻڪ رات جي اونداهي ۾ شهر جي گدامن مان ڪڍي اڻڃاتل هنڌ تي منتقل ڪرڻ واريون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ ۽ خبرون لڳڻ باوجود انتظاميان پاران نوٽيس نه وٺڻ خلاف ڍورونارو جي شھرين ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ روشن مڱريو، بچل چوپاڻ، سائينداد سميجو، مھر علي سمون سماجي اڳواڻ هاشم مهر گل حسن سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڍورونارو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين دانھيندي چيو ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان ڍورونارو ۾ منافعي خور واپارين ھٿرادو طور مھنگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، شھر ۾ واپارين جي گدامن ڀانڊن ۾ ھزارين ڪٽا کنڊ ڪڻڪ سميت ٻين کاڌي پيتي جي شين سان ڀري اسٽاڪ ٿيل آهن پر شهر ۾ سرڪاري ريٽ تحت وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، شهر ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جو بهران پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي کنڊ جو ڪٽو 8700 ۽ اٽو 5600 رپيه مڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن، هنن وزير اعلي سنڌ چيف جسٽس سنڌ، ڪمشنر ميرپورخاص سميت ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڍورونارو ۾ منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي ڪري اسٽاڪ ٿيل کنڊ ڪڻڪ سميت ٻين کاڌي پيتي جو شئيون ضبط ڪري سرڪاري ريٽ تحت عوام کي مهيا ڪيون وڃن ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.