ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو ۾ پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران تعليمي جاڳرتا ۽ داخلا مهم جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، پرائمري اسڪول قبول احمد سومرو جي استادن هيڊماستر جعفر سومرو، استاد برھان سومرو، امين ڀٽي، اڪبر سومرو ۽ ٻين پرائمري اسڪول قبول سومرو کان ڍورونارو دڙي تائين تعليمي جاڳرتا ۽ داخلا مهم جي حوالي سان ريلي ڪڍي ريلي کي خطاب ڪندي استادن چيو ته سنڌ ۾ پھرئين کان 5 ڪلاس تائين داخلائون جاري آهن پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا ڪرايو پڙھندي سنڌ تڏهن ئي وڌندي سنڌ ريلي ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.