ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ۾ علاج دوران نوجوان فوت، وارثن جو عطائي ڊاڪٽر تي غلط رت جي ٿيلهي ۽ انجيڪشنز لڳائڻ جو الزام، ڊاڪٽر اسپتال ڇڏي فرار، خبر موجب ڍورونارو شهر  ۾ عطائي ڊاڪٽر پرديپ مالھي جي اسپتال ۾ کنڀرو شريف واسي 30 ورھين جي چنيسر پٽ ولي محمد ملاح کي آندو ويو، جتي عطائي ڊاڪٽر کيس رت جي ٿيلهي ۽ انجيڪشنون لڳايون، جنهن دوران مبينا ري ايڪشن سبب نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، جڏهن ته عطائي ڊاڪٽر وجھه وٺي اسپتال مان فرار ٿي ويو، فوتي نوجوان جي وارثن سخت احتجاج ڪندي دانهون ڪيون جنهن دوران شهرين جو وڏو انگ اسپتال آڏو گڏ ٿي ويو، فوتي نوجوان جي وارثن نديم ملاح، خميسو ملاح ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته عطائي ڊاڪٽر پاران غلط رت جي ٿيلهي ۽ انجيڪشنون لڳائڻ سبب نوجوان فوت ٿيو آهي، هنن چيو ته ڊاڪٽر جي فرار ٿيڻ مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سندس غفلت سبب مريض دم ڏنو، اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر ڍورونارو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،