ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو منافعي خور واپارين پاران صحافين کي ڪوريج کان روڪڻ موبائل فون ڦرڻ جي ڪوشش خلاف ڍورونارو پريس ڪلب آڏو صحافين ۽ شهرين احتجاج ڪيو، صحافين زاھد قريشي، راشد ڀٽي، علي جماڻي، نياز ڀٽي، سماجي اڳواڻ عبدالستار چوپاڻ، ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ ولي محمد نھڙي، يار محمد ملاح ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين دانھيندي چيو ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان ڍورونارو ۾ منافعي خور واپارين ڪڻڪ کنڊ ڀاڻ سميت کاڌي پيتي جون شيون اسٽاڪ ڪري ھٿرادو مھنگائي ڪري ڇڏي آهي، اسٽاڪ ٿيل کنڊ ڪڻڪ ڀاڻ جي گدامن تي ڪوريج لاءِ صحافي ويا ته اتي رمضان گجو ۽ ٻين پاران صحافين کان موبائل فون کسڻ جي ڪوشش سميت موت مار ڌمڪيون ڏنيون آهن پر پوليس ڪو تحرڪ ناهي ورتو هنن ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ڍورونارو ۾ اسٽاڪ ٿيل ھزارين مڻ ڪڻڪ ۽ کنڊ سميت ٻين گدامن تي ڇاپا هڻي ھٿرادو مھنگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي صحافين کان بدتميزي ڪندڙ ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.