ڍورونارو (ن پ ا) رات دير سان بسن تي مزوري ڪندڙ ڊيٻو واسي پورهيت جاويد ڪوري ۽ سڪندر ڪوري شهر کان گهر وڃين رهيا هئا ته ٻن نامعلون ڦورن حملو ڪري پورهيتن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد موٽرسائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا، پورهيت ڍورونارو ٿاڻي تي درخواست ڏيڻ باوجود پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو، گذريل هڪ مھيني دوران ڍورونارو ٿاڻي جي حد مان 10 کان مٿي موٽرسائيڪل ڦر ۽ چوري جون وارداتون ٿي چڪيون آهن، ايس پي عمرڪوٽ سميت پوليس اختيارين ڪو نوٽيس نه ورتو، سماجي اڳواڻ عبداللطيف ڪوري، عبدالستار، ڪامريڊ ولي نھڙي پورهيت جاويد ڪوري، اياز سميجو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڍورونارو جو امن مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن هر روز موٽرسائيڪل ڦر ٿيڻ جون وارداتون ٿين ٿيون پر پوليس ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي شهري غير محفوظ آهن هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ ڊي آئي جي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته ڍورونارو ۾ چورن خلاف ڪاروائي ڪري چورين ڦرن جي وارداتن تي ڪنٽرول ڪرايو وڃي ٻي صورت سخت احتجاجي تحريڪ ھلائيندي ڍورونارو ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.