ڍورونارو(رپورٽ: راشد ڀٽي) ڍورو نارو ڊگري ڪاليج ۾ خوف برقرار، پوليس پڪٽ قائم، 800 شاگردن مان 15 شاگرد پهتا، ايس ايس پي پاران ڪاليج جو دورو، پوليس پڪٽ قائم، سپلا اڳواڻن جي به پرنسپال سان ملاقات، ٻيو جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب ڍورونارو ڊگري ڪاليج فائرنگ واقعي ۾ پوليس پاران هڪ شاگرد الھبچايو ملاح کي گرفتارڻ ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر شرپسندن پاران ڪاليج تي چڙهائي ڪرڻ خلاف ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن پاران ٻه ڏينهن اڳ ڪاليج بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو هو، ايس ايس پي عمرڪوٽ عزير احمد ميمڻ اهڙي صورتحال کان پوءِ پوليس اٽالن سان گڏ ڪاليج پهتو، ڪاليج انتظاميا کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڪاليج کولائي وئي، پر ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ خوف برقرار، ڪاليج ۾ 800 تائين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي گڏيل داخلا هجڻ باوجود ڪاليج ۾ 8 شاگردياڻيون ۽ 7 شاگرد ڪاليج آيا، وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون خوف سبب گهرن تائين محدود رهيا، ڪاليج اندر تدريسي عمل معطل رهيو، ڪاليج پهتل ايس ايس پي عمرڪوٽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊگري ڪاليج واقعي ۾ هڪ جوابدار گرفتار ڪيو آهي، ٻي جوابدار بابت جاچ جاري آهي، جلد ٻيو جوابدار به گرفتار ڪيو ويندو، ڪاليج پهچي ڪاليج انتظاميا کي سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي اٿم، پوليس پڪٽ به قائم ڪئي وئي آهي، ڪنهن کي به خوف پکيڙڻ نه ڏينداسين، ڪاليج کي مڪمل سڪيورٽي ڏني ويندي، جئين شاگرد ۽ شاگردياڻيون پرامن نموني سان تعليم حاصل ڪري سگهن، ٻئي پاسي سنڌ ليڪچرار ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر پروفيسر منور عباس تنظيمي عھديدارن سان گڏ ڊگري ڪاليج ڍورونارو پھتو، سنڌ ليڪچرار ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر پروفيسر منور عباس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڍورونارو ننڍڙو شهر آهي، وزير تعليم جو تڪ پڻ آهي، پر فرضي نوٽيس وٺڻ کان وڌيڪ وزير تعليم ڪو اپاءَ نه ورتو آهي، وزير تعليم کي هتي هجڻ گهرجي پر هو اڃان تائين هتي ناهي پهتو، ڪاليج ۾ ٻيو ڀيرو حملو ڪيو ويو، ڪاليج انتظاميا کي تحفظ ڏئي تعليمي ماحول بحال نه ڪيو ويو ته سموري سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ احتجاجي مرحلو شروع ڪيو ويندو، ڪيس ۾ ڪنهن شاگرد سان ناانصافي نه ٿئي ملوث ٻيو جوابدار به گرفتار ڪيو وڃي ۽ اگر ڪيس ۾ ڪو شاگرد ملوث نڪري ٿو ته انھي تي ٽن سالن لاءِ پابندي لڳائي وڃي.