ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو ٽائون ڪاميٽي ۾ حد دخلين جو آزار وڌي ويو آهي، شهر گندگي جو ڍير بڻيل آهي، ٽائون چيئرمين ٽن سالن دوران ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرائي سگهيو شهر کنڊر بڻجي ويو آهي، سرڪاري پلاٽن تي هٿ وٺي قبضا ڪرايا ويا آهن، سنڌ واچ فورم جي چيئرمين چنيسر آريسر جي پريس ڪانفرنس خبر موجب ڍورونارو ۾ جيجل هائوس تي سنڌ واچ فورم جي چيئرمين چنيسر آريسر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڍورونارو ٽائون ڪاميٽي جي سرڪاري پلاٽن تي بااثرن قبضا ڪري ڇڏيا آهن پر انتظاميا سرڪاري پلاٽن تان قبضا هٽائڻ بجائي انهن بااثرن جي ڌر بڻيل آهي هٿ سان قبضا ڪرائي حد دخليون وڌرائي رهي آهي ڍورونارو شھر ۾ حد دخلين جو آزار آهي شهر ۾ هلڻ آزار ٿي ويو آهي، ماڻهو پنڌ نٿا هلي سگهن، قبضا مافيا سرڪاري روڊ مٿان اڏاوتون ڪري ڇڏيون آهن انتظاميا ايڪشن وٺڻ لاءِ تيار ناهي، ٽائون انتظاميا ۽ ڊبٽي ڪمشنر عمرڪوٽ کي حد دخلين خلاف درخواست ڏيون ٿا عمل نه ٿيو ته حد دخلين خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين ڍورونارو ٽائون چيئرمين ٽن سالن دوران ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ڍورونارو شهر تباھ ڪري ڇڏيو آهي شهر ۾ واٽر سپلائي جو پاڻي به ٽائون انتظاميا پهچائڻ ۾ ناڪام وئي آهي شهري پاڻي لپ لاءِ پريشان آهن شهر تازو لڳل پيور بلاڪ جي ڪمن ۾ به ڪرپشن ٿي ناقص ڪم ڪيو ويو حد دخليون هٽائڻ کان پوءِ بلاڪ لڳڻ گهرجن   شهري سول سوسائٽي سان گڏجي ڪري مالڪي ڪنداسين.