عمرڪوٽ/ڍورونارو(نمائندن وٽان) ڍورونارو ڊگري ڪاليج فائرنگ واقعو، گرفتار شاگرد عدالت ۾ پيش، عدالت پاران حيدرآباد جيل موڪلڻ جو حڪم، ٻي پاسي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاليج تي شرپسندن جو حملو، ڪاليج انتظاميا پاران ڪاليج بند ڪري سوين شاگردن سان گڏجي ريلي ڪڍي گرھوڙي بس اسٽينڊ تي ڌرڻو شرپسندن پاران ڪاليج اچي ٻيهر ڌمڪائڻ جو الزام، پوليس جي سيڪيورٽي نه ملڻ تائين ڪاليج بند ڪرڻ جو اعلان خبر موجب ڍورونارو ڊگري ڪاليج فائرنگ واقعو ڪيس ۾ پوليس پاران هڪ جوابدار ساڳي ڪاليج جي شاگرد الھبچايو ملاح کي گرفتار ڪرڻ بعد عمرڪوٽ جي عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيو، جتي جوابدار کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا، عدالت سڳوري جوابدار کي پوليس رمانڊ واري درخواست رد ڪندي حيدرآباد ٻارڙن جي جيل موڪلڻ جو حڪم جاري ڪيو، جڏهن ته ڪيس ۾ ساڳي ڪاليج جو شاگرد گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ڪاليج ۾ ٻيهر صبح سوير ڪجهه شرپسندن پاران ڪاليج پهچي ڪاليج انتظاميا کي ڌمڪايو ويو، اهڙي صورتحال بعد ڪاليج جي انتظاميا پرنسپال ڊگري ڪاليج ۽ استادن سميت سوين شاگردن جن ۾ ڪاليج جي شاگردن سان گڏ ھاءِ اسڪول ڍورونارو جي استادن ۽ شاگردن ڊگري ڪاليج کان ريلي ڪڍي گرھوڙي بس اسٽينڊ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي ۾ شريڪ پرنسپال ڊگري ڪاليج ڪمال مصطفي وساڻ، سليم ولھاري سميت استادن ۽ شاگردن دانھيندي چيو ته ڪاليج ۾ هئاسين اڄ پنجاهه شرپسندن ڪاليج پهچي اسانکي ٻيهر ڌمڪائي ويا آهن، اسان جي جان کي خطرو آهي، اهڙي عدم تحفظ واري ماحول ۾ ڪاليج نٿا هلائي سگهون، بار بار ڪاليج تي چڙهائي ڪري ڌمڪايو پيو وڃي، سوين شاگردن جي جان کي خطري ۾ وجهي ڪاليج نٿا هلائي سگهون، پوليس پاران ڪاليج کي اڃان تائين ڪا به سڪيورٽي ناهي ڏني وئي، عدم تحفظ واري صورتحال ۾ ڪاليج نٿا هلائي سگهون، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪاليج کي سڪيورٽي ڏني وڃي بغير سڪيورٽي جي ڪاليج نٿا هلائي سگهون سيڪيورٽي نه ملڻ تائين ڪاليج بند رهندي، ڌرڻي دوران صحافين سان ڳالهائڻ وقت پرنسپال ڪمال مصطفي وساڻ روئيندي لڙڪ لاڙيندو رهيو هن چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته معصوم ٻارڙن جي مستقل ۽ زندگين سان اهڙي راند ڇو پئي کيڏي وڃي، ڪاليج هاڻي هاءِ رسڪ بڻجي ويو آهي، اسان بنان سيڪيورٽي جي کولي شاگردن ۽ استادن جون زندگيون داءُ تي نه ٿا لڳائي سگهون، ٻئي پاسي گرفتار شاگرد جي مائٽن الزام لڳايو ته اسانجو ڇوڪرو ننڍڙي عمر جو آهي، هن کي پوليس بيگناھه ڪيس ۾ ڦاسائي رهي آهي، هن تي سخت تشدد ڪيو ويو، هن جي طبيعت به صحيح ناهي، اسانجي ماڻهن ڪالهه ڪاليج تي ڪو حملو ناهي ڪيو، هو ڪاليج ۾ ڳالهائڻ لاءِ ويا هئا، انهي کي ڪاليج انتظاميا غلط رنگ ڏئي ڪوڙا الزام لڳائي رهي آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.