ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو ڊگري ڪاليج ۾ فائرنگ ڪندڙ هڪ جوابدار گرفتار، شاگرد نڪتو، پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ خبر موجب چار ڏينهن اڳ ڍورونارو ڊگري ڪاليج اندر ٻن موٽرسائيڪل سوار جوابدارن پاران ڪاليج اندر داخل ٿي پرنسپل ڊگري ڪاليج کي ڌمڪين وارو خط ڏيڻ کان پوءِ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا هئا، اهڙي واقعي بعد گذريل ڏينهن پرنسپل ڊگري ڪاليج جي لکيل ليٽر جي آڌار تحت ڍورونارو ٿاڻي تي ٻن نامعلوم جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ رات دير سان ڍورونارو پوليس پاران هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي الھبچايو ملاح نالي جي جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪئي، گرفتار جوابدار ساڳي ڪاليج جي يارهين ڪلاس جو شاگرد پڻ آهي، رابطي تي ڍورونارو پوليس ٻڌايو ته ڊگري ڪاليج ڍورونارو ۾ فائرنگ واري ڪيس ۾ هڪ جوابدار الھبچايو ملاح کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار کان واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ پسٽل پڻ برآمد ڪيو آهي، وڌيڪ ٻئي جوابدار بابت به پتو لڳائي ورتو آهي، کيس جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو، ٻئي پاسي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ جي صدر شريف ڀيل، جنرل سيڪريٽري لياقت سھتو ۽ ٻين ڍورونارو ڪاليج پهچي واقعي بابت پرنسپال ڊگري ڪاليج کان معلومات ورتي ۽ ڊسٽرڪٽ بار پاران مڪمل تعاون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.