ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو ويجهو چار ڏينهن اڳ ڍورونارو عمرڪوٽ روڊ تي ڍورونارو پوليس پاران موٽرسائيڪل سوار مرد ۽ عورت کي ٻانهن مان جهلي زبردستي ڪيرائڻ تي گل چند اوڏ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي ٽراما اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي گل چند اوڏ جي گهرواري دادلي اوڏ دانھيندي چيو ته آئون پنهنجي مڙس سان گڏ اچي رهي ھئس ته ڍورونارو پوليس زبردستي بغير ڪنهن چيڪ پوسٽ جي مين روڊ تي ھلندڙ موٽرسائيڪل تي منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي ڪيرايو جنهن سبب منهنجو مڙس گل چند اوڏ ۽ آئون سخت زخمي ٿي پياسين منهنجو مڙس هن وقت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ٽراما اسپتال ۾ داخل آهي، پوليس اسان سان ظلم ڪيو آهي، زخمي گل چند اوڏ جي وارثن دانھيندي چيو ته پوليس اسان سان ظلم ڪيو آهي بغير ڪنهن سبب جي اسانکي روڊ تي ڪيرائي زخمي ڪيو ۽ اسانکي ايمبولينس به نه ڏني وئي هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته ڍورونارو پوليس جي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.