ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو لڳ گهرو اڻبڻت تان نوجوان زال مڙس مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڍورونارو ويجهو ڳوٺ گل بيگ راڄڙ ۾ ڀيمون ڪولھي ۽ سندس زال عميان ڪولھي جو مبينا طور وڻ تان ڦاھو کاڌل لاش مليا، ڍورونارو پوليس اطلاع ملڻ شرط واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ته وارثن پاران پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪندي واقعو گهرو اڻبڻت ڄاڻائي لاش کڻائي ويا، وارثن جو چوڻ آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت سبب پيش آيو، ڪيس داخل نه ڪرائينداسين، ڪورٽن جا چڪر ڪاٽڻ سان جيئرا نه ٿيندا، رابطي تي ڍورونارو پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ گل بيگ راڄڙ ۾ ڀيمون ڪولھي ۽ سندس زال عميان ڪولھي جو گڏيل ڦاھو کاڌل لاش بابت ڳوٺاڻن اطلاع ڪيو، پهچي لاش تحويل ۾ ورتا پر وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو وارثن واقعي جو ڪارڻ زال مڙس جو پاڻ ۾ گهرو اڻبڻت ڄاڻايو.