ايڪواڊور (انٽرسٽنگ نيوز) ايڪواڊور جي شهري گهرواري سان عليحدگي کانپوءِ ڌيئرن جي محبت ۾ اهڙو قدم کڻي ورتو جو سڀ دنگ رهجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻارن خاطر مرد کان عورت بڻجڻ جو حيران ڪندڙ واقعو ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور ۾ پيش آيو،  جتي ريني سليناس راموس نالي شخص پنهنجي ڌيئرن کي سنڀالڻ لاءِ جنس ئي تبديل ڪرائي ڇڏي. کيس اڳوڻي زال مان ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي، جن جي تحويل لاءِ هو عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي پر ايڪواڊور جو قانون ٻارن جي حوالگيءَ جي معاملي ۾ پيءُ جي ڀيٽ ۾ ماءُ کي ترجيح ڏيندو آهي، تنهن ڪري ئي ريني سليناس مرد کان عورت بڻجڻ جو ڏکيو فيصلو ڪيو. ان حوالي سان ريني سليناس جو چوڻ آهي ته اهو رڳو پنهنجي ڌيئرن سان محبت جو امتحان آهي، مان جن حالتن مان گذري رهيو آهيان، انهن مان ٻيا به ڪيترائي والد گذريا هوندا يا گذري رهيا هوندا، مان ان حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ جي اميد ڪيان ٿو.