اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازم جي لاڏاڻي کانپوءِ ڌيءُ کي نوڪري کان محروم ڪرڻ جي ڪيس جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، پيءُ جي جاءِ تي ڌيءُ کي نوڪري لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. 9  صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عورت جي سڃاڻپ، قانوني حق ۽ خود مختياري شادي کانپوءِ ختم ناهي ٿيندي. عدالت شادي شده ڌيئرن کي مرحوم پيءُ جي ڪوٽا تي ملازمت نه ڏيڻ غير قانوني ۽ امتيازي قرار ڏيندي چيو ته ڪي پي سول سرونٽس رولز تحت مرحوم يا طبي بنيادن تي رٽائرڊ سرڪاري ملازم جا سمورا ٻار ملازمت جا اهل آهن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سيڪشن آفيسر طرفان هڪ وضاحتي خط ذريعي رولز کي تبديل ڪرڻ غير قانوني آهي، اهڙيون ايگزيڪيوٽو هدايتون قانون کان مٿانهيون نه ٿيون ٿي سگهن، شادي جي بنياد تي ڌيئرن کي مرحوم ملازم جي ڪوٽا مان خارج ڪرڻ امتيازي سلوڪ آهي، اهڙو عمل آئين جي آرٽيڪل 25، 27 ۽ 14 جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت فيصلي ۾ چيو ته شادي سان عورت جي قانوني حيثيت، ان جي ذات ۽ خود مختياري ختم ناهي ٿي ويندي، مالي خود مختياري بنيادي حق آهي، آئين هر شهري کي انفرادي حق ڏئي ٿو، اسلام ۾ به عورت کي پنهنجي ملڪيت، آمدني ۽ مالي معاملن تي مڪمل اختيار حاصل آهي. عدالتي فيصلي موجب اهڙين روايتن کي ختم ڪرڻ گهرجي، جيڪي شادي جي بنياد تي عورتن کي عوامي حقن کان محروم ڪنديون آهن، عدالتن ۽ انتظامي ادارن کي پنهنجي فيصلن ۾ صنفي احساس ۽ غير جانبدار ٻولي استعمال ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ عورت کان ملازمت کسڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته لاڳاپيل کاتو درخواستگذار کي سموريون اڳوڻين مراعتن سان گڏ بحال ڪري.