ڌيءُ جي داخلا لاءِ کنيل ماءُ جا هٿ … امر سنڌو

0
87
ڌيءُ جي داخلا لاءِ کنيل ماءُ جا هٿ ... امر سنڌو

سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ڌي سان گڏ آيل ماءُ….

دعا  لاءِ کنيل ھن ماءُ جا ھٿ

 پنھنجي ڌي جي ڪاميابي لاءِ آھن

جيڪا سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ

ان  ضلعي مان آئي

جتي عورتون ڪاريون ڪري مارڻ جو انگ سڀ کان  چوٽ چڙھيل آھي،

ماءُ  جو چوڻ ھو ته

بس امڙ جھڙي زندگي اسان جي گذري

پاڻ کان سندس بھتر ٿئي ان ڪري ڌيءُ کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ چاھي ٿي.

جڏھن به سنڌ يونيورسٽي تي آڱر کڻڻ کان اڳ سوچجو

ھي ھن دکي ديس جي  سوين مائرن جي انھن اڻپورن خوابن جي سر زمين آھي

جن پنھنجا ڏٺل خواب

ھاڻ ڌيئن جي اکين ۾ سجايا آھن. ……. فيس بوڪ تان ورتل