جاتي(ن پ ا)ساحلي پٽي جي ڳوٺ جڙيو ٿهيمور جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات بصري ٿهيمور پنهنجي ڀيڻ فهميدا ٿهيمور ۽ معصوم ٻارن سان گڏجي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي ۽ الزام هڻندي چيو ته اسان جي برادري جا ماڻهو جاويد ٿهيمور، الهايو ٿهيمور، حنيف ٿهيمور، عبدالله ٿهيمور، اڪبر ٿهيمور ۽ احمد ٿهيمور زوري گهر ۾ گهڙي منهنجي شادي شده نياڻي بلقيس ٿهيمور ۽ سندس معصوم نياڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، جنهن خلاف اسان جاتي ٿاڻي تي فرياد ڪيو آهي پر پوليس ڪو به قدم کڻڻ لاءِ يتار نه آهي، هنن ايس ايس پي سجاول ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اغوا ٿيل نياڻي ۽ سندس معصوم ڌئَ بازياب ڪرائي اغوا ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.